پيار نبار ۽ اٿاهه

پيار، نبار ۽ اٿاهه (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب محمد ابراهيم جويي ۽ ابن حيات پنهور جي خطن جو مجموعو آهي، جنهن جو پيٽي عنوان محمد ابراهيم جويي ”خط اُستاد ۽ شاگرد عرف ٻن دوستن جا“ رکيو آهي. هي ڪتاب محمد ابراهيم جويي جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سندس اهڙن ئي خطن جي ترتيب ڏنل ڪتابن جو چوٿون مجموعو آهي. ان کان اڳ سندس ”خط ٻن اديبن جا“ (1999ع)، ”خط ٻن استادن جا“ (2002ع) ۽ ”سڏ پڙاڏو“ جويي صاحب ۽ جي. ايم. سيد جا خط ڇپيل آهن. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ ٻه خط جويي صاحب جي دوست ”ع. ق. شيخ جا ”مشتاق“ جي فرضي نالي سان ڏنل آهن. جن ۾ ان وقت نڪرندڙ پرهه ڦٽي رسالي ۾ يار محمد پنهور جو تعارف ڏنل آهي. يار محمد ابن حيات پنهور، جويي صاحب جو شاگرد ۽ دوست هو. هن ڪتاب ۾ ٻنهي جا 130 خط شامل آهن، جيڪي خط نويسيءَ جو اعليٰ مثال آهن. هي ڊيمي سائيز ۾ 240 صفحن تي مشتمل ڪتاب روشني پبليڪيشن 2008ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو